سنڌ

November 21, 2021 2:35 pm

وفاقي سرڪار آفيسرن جون بدليون ڪري سنڌ کي انتظامي حوالي سان ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي : امتياز شيخ

صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته وفاقي سرڪار آفيسرن جون بدليون ڪري سنڌ کي انتظامي حوالي سان ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي،

جن آفيسرن کي گهرايو پيو وڃي، اهي اهم اسائمنٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيان، نئون ماڻهو ايندو ته انهن کي معاملا سمجهڻ ۾ وقت لڳندا،

روٽيشن پاليسي تي سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، جيڪڏهن چيف سيڪريٽري سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته ان کي مشاورت نٿو چئي سگهجي،

1954 جي رولز موجب وفاقي حڪومت صوبي جي وڏي وزير سان سڌي ريت مشاورت ڪرڻ جي پابند آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جو پاڻي، گيس، بند ڪرڻ بعد هاڻي واري آفيسرز کي گهرائي سنڌ کي انتظامي طور ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي.

وڌيڪ پڙهو: