پاڪستان

December 22, 2021 3:03 pm

وفاقي حڪومت مِني بجيٽ مڙهڻ ، قوم ۽ ملڪ جي مستقبل سان کيڏڻ بدران استعيفا ڏئي : شهباز شريف

ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت مِني بجيٽ مڙهڻ ، قوم ۽ ملڪ جي مستقبل سان کيڏڻ بدران استعيفا ڏئي.

جاري ڪيل بيان ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته پاڪستان سستو ترين ملڪ آهي ۽ ڪڏهن وري عالمي حالتن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي.

هن چيو ته ناڻي جو صلاحڪار ڪڏهن مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ڪڏهن اضافي جا تڪراري بيان ڏئي رهيو آهي.

شهباز شريف چيو ته ضروري کاپي جي شين جي قيمتن ۾ پهريان ئي 19.5 سيڪڙو واڌ حڪومت جو مهانگائي جو اعتراف آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته جنهن ملڪ ۾ ٽيڪس پهريان ئي وڌيڪ آهي، اتي 17 سيڪڙو  ضروري شين تي جَي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ مهانگائي کي وڌائيندو..

وڌيڪ پڙهو: