سنڌ

December 2, 2021 2:09 pm

وفاقي حڪومت فنڊ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي اليڪشن ڪميشن کي قيد ڪرڻ چاهي ٿي : نثار کهوڙو

پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته مڪاني قانون ۾ ترميم ۽ ميئر جي ڳجهي چونڊ تي دانهون ثابت ڪن ٿيون ته اپوزيشن عوام ۾ اعتماد وڃائي چڪي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ نثار احمد کهڙي چيو ته  ايم ڪيو ايم پاڪستان کي پنهنجي ميمبرن تي ڀروسو ناهي، ان ڪري ڳجهي ووٽنگ جي مخالفت ڪري پئي.

هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ عوام لساني سياست ڪرڻ وارن کي رد ڪري ڇڏيندو، اي وي ايم تحت چونڊون ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.

نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت فنڊ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي اليڪشن ڪميشن کي قيد ڪرڻ چاهي ٿي، چونڊون ڪرائڻ جو اختيار اليڪش ڪميسن وٽ آهي، هر اداري کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي..

وڌيڪ پڙهو: