اهم خبرون

پاڪستان

August 6, 2022 6:33 pm

وفاقي حڪومت جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪم في الحال جاري رکيو وڃي

وفاقي حڪومت پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل کي هدايت ڪئي ته هو ڪم جاري رکي.

چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران افضل ڪم جاري رکڻ کان معذرت ڪري ورتي ۽ ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط به لکي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران افضل عملي طور ڪم ڇڏي ڏنو ۽ هو پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۽ وزيرن جي حلف برداري واري تقريب ۾ به غير حاضر رهيو.

جڏهن ته هاڻي وفاقي حڪومت پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪم جاري رکن.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت هدايت ڪئي ته ڪامران علي افضل محرم ۽ امن کي نظر ۾ رکندي پنجاب ۾ ڪم جاري رکي.

وڌيڪ پڙهو: