سنڌ

December 2, 2021 1:41 pm

وفاقي حڪومت جي تعصباڻي رويي سبب عوام اندر محروميون وڌي رهيون آهن : امتياز شيخ

توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ سان وفاقي حڪومت جي تعصباڻي رويي سبب عوام اندر محروميون وڌي رهيون آهن.

پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته تبديلي سرڪار جي دور ۾ عوام ڪنهن به قسم جي رليف جي اميد نه رکي،

حڪومت کي رڳو پنهنجي اي ٽي ايمز جو خيال آهي.

هن چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽجڻ باوجود پاڪستان ۾ قيمتون نه گهٽايون ويون،

فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي هر مهيني عوام جي کيسن تي اربين رپين جو ڌاڙو هنيو وڃي ٿو.

امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪرڻ وارو صوبو آهي، سوئي سدرن طرفان گئس جي قيمتن ۾ مبينا اضافي جي تجويز کي رد ڪريون ٿا..

وڌيڪ پڙهو: