پاڪستان

December 21, 2021 3:14 pm

وزير اعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ سال 2018 ۾ داخل ڪيل پٽيشن واپس وٺڻ تي خارج

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزير اعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ سال 2018 ۾ داخل ڪيل پٽيشن واپس وٺڻ تي خارج ڪندي اڪلائي ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

پٽيشنر عبدالوهاب بلوچ، عمران خان جي نااهلي  لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي هئي.

پنهنجي درخواست ۾ عبدالوهاب ڄاڻايو هو ته عمران خان نامزدگي جي ڪاغذن ۾ ڌيءَ ٽيرن جيڊ وائيٽ کي لڪايو،

انڪري هو صادق ۽ امين نه رهيو، انڪري هن کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: