اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جي سمري موڪلي هئي جنهن جي وزيراعظم منظوري نه ڏني ۽ هاڻ هن مهيني پيٽروليم شين جون موجوده قيمتون برقرار رکيون وينديون.