top_news

پاڪستان

July 7, 2022 5:38 pm

وزيراعظم هائوس ۽ آفيس کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ انرجي ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ سولر انرجي منصوبا شروع ڪرڻ بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي شمسي توانائي پاليسي جو اعلان پهرين آگسٽ تي ڪيو ويندو پر ان پاليسي تي عملدرآمد گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري سان مشروط هوندو.

شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ مهيني اندر وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويندو.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام کي سستي ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪ کي توانائي جي شعبي ۾ خود ڪفيل بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

وڌيڪ پڙهو: