پاڪستان

November 9, 2021 12:09 pm

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو،

ڪابينا  پي ٽي ڊي سي جون پراپرٽيز صوبن جي حوالي ڪرڻ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير  ۾ ايراضي پرائيويٽ سيڪٽر کي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏيندي،

اجلاس ۾ وزارتن ۽ ادارن ۾ سي اِي اوز ۽ ايم ڊيز جي خالي سيٽن بابت بريفنگ ڏني ويندي، ڪابينا آءِ سي ٽي ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس ايڪٽ 2021 جي به منظوري ڏيندي..

وڌيڪ پڙهو: