اسلام آباد – وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ افغان پناهگيرن جي وطن واپسي بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو۔
اجلاس ۾ فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن، وزيراعظم آزاد جمون ۽ ڪشمير، چئنهي صوبن جا وزيراعليٰ، گلگت بلتستان جو وزيراعليٰ، خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ جو نمائندو مزمل اسلم ۽ وفاقي توڙي صوبائي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔
وزيراعظم شهباز شريف اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، کيس مبارڪباد ڏني ۽ وفاق جي طرفان هر ممڪن سهڪار جي يقيندهي ڪرائي۔
وزيراعظم چيو ته خيبر پختونخوا وفاق جي هڪ اهم اداري آهي ۽ وفاق عوام جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم اجلاس ۾ چيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان افغانستان جي هر ڏکي گهڙي ۾ مدد ڪئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني عوام هزارين قيمتي جانن جون قربانيون ڏنيون ۽ اربين ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي.
هن چيو ته افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جو ملڻ تشويش جوڳي ڳالهه آهي.
وزيراعظم ٻڌايو ته نائب وزيراعظم، وزير دفاع ۽ ٻيا اعلى سرڪاري نمائندا ڪيترائي ڀيرا افغانستان جو دورو ڪري چڪا آهن جتي افغان نگراں حڪومت سان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، پاڪستان خارجن جي دراندازي کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا آهن.
هن چيو ته پاڪستاني عوام جائز طور سوال ڪن ٿا ته حڪومت ڪيترو وقت تائين افغان مهاجرن جو بوجھ کڻندي رهندي.




