پاڪستان

December 31, 2021 1:05 pm

وزيراعظم جي اِي لنڪ ذريعي ضلعي عدالت ۾ پيشي جي وڊيو منظر عام تي

وزيراعظم جي اِي لنڪ ذريعي ضلعي عدالت ۾ پيشي جي وڊيو منظر عام تي اچي وئي.

وزيراعظم 17 ڊسمبر تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي سامهون پيش ٿيو هو.

ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان سچ ڳالهائڻ جو حلف کنيو،جج وزيراعظم کان حلفي بيان ۽ صحيحن جي تصديق ڪرائي.

وزير چيو ته مون اوٿ ڪمشنر جي موجودگي ۾ حلفي بيان تي پاڻ صحيح ڪئي.

عدالت پڇيو ته ڇا توهان حلفي بيان ۾ لکيل جملن کان واقف آهيو، عمران خان چيو ته جي بلڪل مون پاڻ پنهنجي وڪيل کي حلفي بيان لکرايو هو.

وزيراعظم چيو ته مون حلفي بيان ۾ جيڪا به ڄاڻ ڏني، اها سچ تي ٻڌل آهي،بيان سان گڏ ڪاغذ پڻ درست هجڻ جي تصديق ڪريان ٿو…

وڌيڪ پڙهو: