پاڪستان

November 3, 2021 12:47 pm

وزيراعظم جو استعيفا ئي سڀ کان وڏو ريليف پيڪيج هوندو

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب  وزير اعظم عمران خان کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو  ته استعيفا  عوام لاءِ ڪنهن وڏي پيڪيج کان گهٽ نه هوندي.

وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان بابت جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مهانگائي ، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جو ذميدار  عمران صاحب آهي،

جنهن جي پهرين ۽ آخري اوليت ڪوڙ، ڌوڪو ۽ قوم جي زندگي کي عذاب بنائڻ آهي.

هن چيو ته  بهتر آهي ته عمران صاحب قوم کي خطاب ڪري ڪوڙ  ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري.

هن چيو ته وزيراعظم استعيفا ڏئي ته اهو سڀ کان وڏو ريليف پيڪيج هوندو،عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ۽ آسانيون پيدا ٿينديون..

وڌيڪ پڙهو: