آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان بابر اعظم ۽ فخر زمان جي شاندار بيٽنگ جي بدولت ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏني.
ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهريان کيڏندي 131 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
ويسٽ انڊيز مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهيون، شاهين آفريدي ، حسن علي ۽ حارث رئوف ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان ٽارگيٽ 15.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو ، ڪپتان بابر اعظم 50 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته فخر زمان 46 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.
قومي ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم ، شاداب خان ، فخر زمان ، محمد حفيظ ، شعيب ملڪ ، سرفراز احمد ، محمد رضوان ، عماد وسيم ، آصف علي ، محمد نواز ، وسيم جونيئر ، حارث رئوف ، حسن علي ، حيدر علي ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.