سنڌ

December 23, 2021 12:53 pm

هڪ سئو هاءِ اسڪولز کي هائير سيڪنڊري اسڪول قرار ڏئي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، استاد ۽ ٻئي عملي جون خالي جايون ڀرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ سئو هاءِ اسڪولز کي هائير سيڪنڊري اسڪول قرار ڏئي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، استاد ۽ ٻئي عملي جون خالي جايون ڀرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته انتظامي عهدن تي مقرر ٿيندڙ هيڊ ماستر ۽ پروفيسرز هفتي ۾ ٻه ڏينهن ليڪچر ڏين.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل سنگل بئنچ سنڌ حڪومت کي هڪ سئو هاءِ اسڪولز کي هائير سيڪنڊري اسڪول قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت هائير سيڪنڊري اسڪولز ۾ پڙهائڻ لاءِ سبجيڪٽ اسپيشلسٽن سميت استادن توڙي عملي جي جاين جي منظوري  ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

عدالت اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي هڪ سئو هاءِ اسڪولز کي هائير سيڪنڊري اسڪول قرار ڏيڻ بابت ٻن ڏينهن اندر سمري ٻيهر رٿابندي کاتي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

عدالت چيو آهي ته رٿابندي کاتو قانوني گهرجون پوريون ڪري 10 ڏينهن اندر سمري ناڻي کاتي کي موڪلي، جيڪو به گهرجون پوريون ڪري ٻن هفتن اندر منظور ڪري.

عدالت سڄي سنڌ ۾ تعليم کاتي جي انتظامي عهدن تي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ۽ پروفيسرن کي  مقرر نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ۽ پروفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن جو بنيادي فرض به پڙهائڻ آهي

عدالت چيو آهي ته انتظامي عهدن تي مقرر ٿيندڙ هيڊ ماستر ۽ پروفيسرز به هفتي ۾ ٻه ڏينهن ليڪچر ڏين..

وڌيڪ پڙهو: