سنڌ

November 24, 2021 3:29 pm

هي منصوبو سنڌ کي وڌيڪ بنجر ڪري پنجاب جي 2 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي سازش آهي : نثار کهڙو

قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سنڌ حڪومت جي سخت احتجاج بعد ٿل ڪينال فيز ٽو، جلال پور ۽ چوبارا ڪينالز جي منظوري ملتوي ڪندي صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو،

جنهن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙو وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

نثار کهڙو گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جلال پور ۽ چوبارا ڪئنالز کي تڪراري ۽ پاڻي معاهدي خلاف قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي اعتراض باوجود منصوبو بنا ڪنهن منظوري جي شروع ڪيو ويو.

سنڌ جي ميمبر نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته هي منصوبو سنڌ کي وڌيڪ بنجر ڪري پنجاب جي 2 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن تي سنڌ جي ماڻهن کي شديد اعتراض آهن.

هن چيو ته سنڌ خلاف ڪوبه منصوبو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ برابر هوندو، منصوبن تي ڪم فوري طور روڪي سنڌ جي عوام جي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

نثار کهڙي چيو آهي ته نوان ڪينال منصوبا پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهن، ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪياويندا.

سنڌ جي سخت احتجاج کانپوءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جي تڪراري ڪئنالز جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي.

ايڪنڪ پاران سنڌ سميت ٻين صوبن جا خدشا ٻڌڻ ۽ منصوبي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جڏهن ته جلد سڀني اسٽيڪ هولڊرز جو اجلاس طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: