پاڪستان

January 7, 2022 2:12 pm

هن ڪيس ۾ رانا شميم مک جوابدار آهي : اٽارني جنرل

رانا شميم حلفي بيان ڪيس ۾ جوابدارن تي توهين عدالت بابت  فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي،

صحافي مير شڪيل الرحمان کي ڪرونا هجڻ سبب فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي،

اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته منهنجو پهرين ڏينهن کان موقف آهي ته هن ڪيس ۾ رانا شميم مک جوابدار آهي،

صحافين جو معاملو ثانوي آهي، انصار عباسي يا عامر غوري جو ادارو هڪ بيانئي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪري رهيو آهي،

چيف جسٽس اطهر من الله  صحافين سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪريون ٿا،

توهان پنهنجو موقف جمع ڪرايو، توهان کي خبر نه هئي ته خبر ڪهڙي ڪيس تي اثرانداز ٿيندي؟

صحافي انصار عباسي جو فرد جرم لاڳو نه ڪرڻ جي استدعا،

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته چارج فريم ٿيڻ سان ئي عدالت توهان کي ٻڌندي،

صحافي اڳواڻ ناصر زيدي عدالت کي استدعا ڪئي ته صحافين جي هر اوکي ويل ۾ توهان انصاف ڏنو،

توهان ئي چيو هو ته غلطي اڻ ڄاڻائي ۾ ٿي سگهي ٿي، فرد جرم لاڳو نه ڪري ڪو وچون رستو ڪڍو..

 

وڌيڪ پڙهو: