ڪراچي ۾ ساده ڪپڙا پهري ڊيوٽي ڪندڙ 73 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي،
ايڊيشنل آءِ جي ٿاڻن ۾ اسپيشل پارٽي ختم ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته هاڻ ڪوبه اهلڪار ٿاڻن ۾ ساده ڪپڙا پهري ڊيوٽي نه ڪندو .
ڪراچي ۾ ساده ڪپڙا پهري ڊيوٽي ڪندڙ 73 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، معطل ڪيل سمورا اهلڪار ٿاڻن تي ڊيوٽي ڪندا هئا.
ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ٿاڻن ۾ اسپيشل پارٽي ختم ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته هاڻ ڪوبه اهلڪار ٿاڻن ۾ ساده ڪپڙا پهري ڊيوٽي نه ڪندو، عمل نه ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي..