KTN News

هانگ ڪانگ: رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ 36 ٿي ويو، چيني صدر پاران افسوس جو اظهار

هانگ ڪانگ ۾ هڪ گهڻ منزله رهائشي ڪمپليڪس ۾ باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 36 ٿي ويو آهي.

هانگ ڪانگ اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 29 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته باهه کان متاثر ٿيل رهائشي بلاڪن مان 279 ماڻهو گم آهن.

هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي موجب، عمارت ۾ باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته باهه جو سبب معلوم ناهي ٿيو.

هانگ ڪانگ فائر ڊپارٽمينٽ باهه کي چوٿين درجي جي باهه قرار ڏنو آهي.

پوليس موجب، ڪيترائي ماڻهو عمارت ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڪجهه فائر فائٽر جيڪي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي پڻ زخمي ٿيا آهن.

هانگ ڪانگ فائر ڊپارٽمينٽ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکي رهيو آهي.

چيني صدر موتن تي افسوس جو اظهار ڪيو

چيني ميڊيا موجب، چيني صدر شي جن پنگ باهه ۾ ٿيندڙ موتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته باهه تي جلد کان جلد ضابطو آندو وڃي.

چيني صدر چيو ته اهو يقيني بڻايو وڃي ته باهه مان جاني ۽ مالي نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube