سنڌ هاءِ ڪورٽ، نيب جي جاچ ۽ طريقيڪار جا قاعدا ۽ ضابطا پيش ڪرڻ لاءِ آخري ڀيرو هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ، ۾ نيب جاچ ۽طريقيڪار جا قاعدا ۽ ضابطا بڻائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ ٻيا پيش ٿيا.
عدالت وفاقي حڪومت ۽ نيب مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته نيب رولز پيش ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ نيب جون ايس او پيز معطل ڪري ڇڏينداسين.
عدالت چيو ته جيڪڏهن هيل تائين نيب رولز ناهن بڻايا ويا ته ڪنهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جوابدارن کي به پتو هئڻ گهرجي ته انهن جا حق ڪهڙا آهن.
اسسٽنٽ اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته نيب آرڊيننس ۾ ٻي ترميم سبب رولز بڻائڻ ۾ دير ٿي، نئين نيب آرڊيننس موجب رولز فريم ڪرڻ ۾ 120 ڏينهن جو مدو هوندو آهي.
عدالت آخري ڀيرو هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته نيب رولز پيش ڪيا وڃن، نه ته نيب جون ايس او پيز معطل ڪري ڇڏينداسين..