پاڪستان

October 17, 2021 8:51 pm

نيب ترميم: اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اهم ذميواريون ڏنيون ويون

نيب ترميم تي اپوزيشن سان ڳالهين جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

رپورٽ موجب حڪومت نيب ترميم جي معاملي تي اپوزيشن سان هڪ ٻيو رابطي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته نيب ترميم تي اپوزيشن سان ڳالهين جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي اهم ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اسيپڪر اسد قيصر نيب آرڊيننس جي حوالي سان اپوزيشن سان رابطا ڪندو. اپوزيشن جيڪا ترميم آڻڻ چاهي ٿي حڪومتي ٽيم انهن سان گڏ ويهندي ۽ اپوزيشن جي جن ترميم تي حڪومت کي اتفاق ٿيندو ان تي ايڪٽ جي لاءِ بل ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب ان حوالي سان اپوزيشن سان رابطو ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: