پاڪستان

October 22, 2021 2:52 pm

نور مقدم قتل ڪيس ، سپريم ڪورٽ پاران ذاڪر جعفر ۽ عصمت جعفر جي ضمانت جو فيصلو

نور مقدم قتل ڪيس جي مک جوابدار ظاهر جعفر جي والدين جي ضمانت بابت سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ذاڪر جعفر ۽ عصمت جعفر جي ضمانت جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

عدالتي فيصلي مطابق عورت هجڻ سبب عصمت ذاڪر جي ضمانت منظور ڪئي وڃي ٿي.

سپريم ڪورٽ  حڪم ڏنو ته عصمت ذاڪر 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي.

ٽرائل ۾ دير يا شاهدن تي اثرانداز ٿيڻ تي ضمانت واپس ورتي ويندي ، ذاڪر جعفر پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪئي وڃي ٿي..

وڌيڪ پڙهو: