پاڪستان

December 31, 2021 4:27 pm

نواز شريف ڏيهه واپس نه ايندو پر اسان کيس واپس آڻينداسين : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف ڏيهه واپس نه ايندو پر اسان کيس واپس آڻينداسين،

نواز شريف کي ڏيهه واپس آڻڻ بابت حڪومتي اعلان کانپوءِ اپوزيشن ٻرن ۾ لڪي وئي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي درخواست آهي ته نواز شريف جي واپسي بابت نوٽيس وٺي،

شهباز شريف تي مني لانڊرنگ جا الزام آهن، ان جي ڪيسن جو فيصلو تڪڙو ڪيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي درخواست آهي ته پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري،

درخواست آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي صحت ڪارڊ مان فائدو پهچڻ ڏنو وڃي.

وفاقي وزير چيو ته صحت ڪارڊ هڪ تمام وڏو فلاحي منصوبو آهي، ڪالهه فناس بل ۾ ترميم ان لاءِ ڪئي ته جيئن ٽيڪس ڪلچر پيدا ٿئي.

فواد چوڌري چيو ته درآمدي شين تي ٽيڪس لاڳو رهندو، باقي شين تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته فلم انڊسٽري کي بچائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويا آهن،فلم پروڊڪشن جي مشينري تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي، ڪهاڻي فلم ۽ ڊرامي ذريعي ٻڌائي ويندي آهي.

فواد چوڌري چيو ته ڊگهي عرصي کان جاري حڪمراني جو سسٽم ختم ٿي چڪو آهي، عمران خان نه هجي ها  ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها.

هن چيو ته اپوزيشن قيادت مايوس آهي، تنهنڪري اها اسيمبلي ۾ ئي نه آئي،اهي چون ٿا ته پي ٽي آءِ جا 29 ميمبرز ن ليگ سان رابطي ۾ آهن.

هن واضح ڪيو ته انهن جي ته پوري اپوزيشن پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهي،سياست ڪرڻ جو حق سڀني پارٽين کي حاصل آهي، اسان چاهيون ٿا ته پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن..

وڌيڪ پڙهو: