سنڌ

December 27, 2021 2:38 pm

نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ وارو ڪم هڪ هفتي اندر مڪمل ڪرڻ ۽ زمين ضبط ڪرڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ جي نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ وارو ڪم هڪ هفتي اندر مڪمل ڪرڻ ۽ زمين ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي،

ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ،

چيف جسٽس گلزار احمد ڊي جي ايس بي سي اي کي چيو ته ڪمشنر جي رپورٽ موجب توهان ٽاور ڪيرائڻ واري ڪم ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهيو ؟

ڊي جي ٻڌايو ته هنن ٽاور ڪيرائڻ واري ڪم ۾ رڪاوٽ ناهي وڌي،

چيف جسٽس چيو ته توهان ڪانٽريڪٽر کان رشوت به گهري آهي، توهان کي توهين عدالت جا نوٽيس ڏيون ٿا،

جيڪو به ٽاور ڪيرائڻ واري ڪم ۾ رنڊڪ وجهندو ان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي ويندي.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،

ٻڌڻي دوران ڪمشنر ڪراچي، ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، اينٽي انڪروچمينٽ سيل جا عملدار به پيش ٿيا.

ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي چيف جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي کان نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ بابت پڇاڻو ڪيو.

ڪمشنر ،نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ٽاور کي ڪيرائڻ لاءِ 400 مزدور ڪم ڪري رهيا آهن، عمارت کي گهڻي ڀاڱي ڊاهيو ويو آهي.

چيف جسٽس اڃا تائين ٽاور نه ڪيرائڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ اندر  وڏيون وڏيون عمارتون ڪيرايون وينديون آهن،

توهان وٽ 400 ماڻهو به عمارت کي ڪيرائي نه سگهيا آهن؟.

عدالت ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته رپورٽ ۾ چيوويو آهي ته توهان عمارت ڪيرائڻ واري ڪم ۾ رندڪ وجهي رهيا آهيو ۽ ڪانٽريڪٽر کان رشوت به طلب ڪئي آهي.

ڊي جي ايس بي سي اي چيو ته هو رپورٽ کي چيلينج ٿو ڪري نه هن ڪا رنڊڪ وڌي آهي نه ئي ڪا رشوت طلب ڪئي آهي.

عدالت اينٽي ڪرپشن جي ڊي جي کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊي جي ايس بي سي اي کي توهين عدالت جا نوٽيس به جاري ڪيا.

عدالت ڪمشنر ڪراچي کي نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم هڪ هفتي ۾ پورو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔۔

وڌيڪ پڙهو: