سنڌ

November 17, 2021 11:46 am

نسلا ٽاور جي متاثرن معاوضو ڏيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

نسلا ٽاور جي متاثرن معاوضو ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت کين ٻڌڻ کانسواءِ ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،

هن مهل تائين اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته متاثرن کي معاوضو ڪير ڏيندو؟، عدالت نسلا ٽاور بابت فيصلن جون ڪاپيون ۽ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا آهن،

جسٽس فيصل ڪمال رمارڪس ۾ چيو ته نسلا ٽاور بابت ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ساڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪيئن ٿي ڪري سگهي.

نسلا ٽاور جي متاثرن معاوضو ڏيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

متاثرن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت کين ٻڌڻ کانسواءِ ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هن مهل تائين اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته متاثرن کي معاوضو ڪير ڏيندو؟.

جسٽس فيصل ڪمال رمارڪس ۾ چيو ته نسلا ٽاور بابت ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ساڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪيئن ٿي ڪري سگهي.

درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .

نسلا ٽاور بابت فيصلن جون ڪاپيون ۽ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي..

 

وڌيڪ پڙهو: