رانديون

January 12, 2022 12:13 pm

نالو وارو ليگ اسپنر ياسر شاهه کي مبينا زيادتي ڪيس ۾ بي ڏوهي قرار

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نالو وارو ليگ اسپنر ياسر شاهه کي مبينا زيادتي ڪيس ۾ بي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.

اسلام آباد جي شاليمار ٿاڻي جي پوليس ياسر شاهه جو نالو ايف آءِ آر مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

ياسر شآهه مٿان الزام مڙهيندڙ ڇوڪري جو چوڻ آهي ته غلطي سان ياسر شاهه جو نالو ڪيس ۾ شامل ٿيو.

شاليمار پوليس ڪيس بابت چيو آهي  ته نالي واري ليگ اسپنر جو ڪيس سان ڪوبه واسطو نه آهي،جنهن سبب سندس نالو ڪيس مان خارج ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ياسر شاهه پاڪستان پاران 46 ٽيسٽ ميچز ۾ 235وڪيٽون حاصل ڪيون آهن،جڏهن ته 25ون ڊي ميچز ۾ 24وڪيٽون حاصل ڪيون آهن..

وڌيڪ پڙهو: