سنڌ

November 18, 2021 6:25 pm

ناظم جوکيو ڪيس: مقتول جي ڀاءُ ڄام عبدالڪريم جو نالو ڪيس مان ڪڍي ڇڏيو

جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

مقتول جي ڀاءُ ۽ مدعي افضل جوکيو قلم 164 ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ پيپلز پارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم ملوث ناهي ان ڪري ڪيس مان ڄام عبدالڪريم جو نالو ڪڍيو وڃي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ قلم 164 ۾ پنهنجي بيان ۾ افضل جوکيو چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر ڄام عبدالڪريم بجار مون کان قسم کنيو ته هو منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث ناهي، تنهن ڪري ڄام عبدالڪريم جو نالو ڪڍيو وڃي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ڄام عبدالڪريم جو نالو ختم ڪيو وڃي. منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ اويس ۽ ٻيا جوابدار ملوث آهن.

جوابدار ڄام اويس جي وڪيل موجب ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جي شق شامل ڪرڻ جي مقتول جي ڀاءُ جي درخواست به واپس ورتي وئي آهي ۽ عدالت ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جي شق شامل ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.

مدعي پاران ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جون دفعات شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا هاڻ واپس ورتي وئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: