اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين سال جي خوشي ۾ آتش بازي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت فائر ورڪ روڪڻ جي درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي ۽ آتش بازي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته فائر شو ته هاڻ سعودي عرب ۾ به ٿيو آهي، نئين سال جي خوشي عوام کي انجواءِ ڪرڻ ڏيو.
چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ ڄاڻايو ته نئين سال جي خوشي ۾ فائر شو سموري دنيا ۾ ٿيندو آهي، صرف هتي نٿو ٿئي، انڪري شهرين کي خوشيون ملهائڻ ڏنيون وڃن..