سنڌ

December 17, 2021 12:41 pm

مڪا ٽيرس جا بجلي، پاڻي ۽ گيس ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مڪا ٽيرس جا بجلي، پاڻي ۽ گيس ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته مڪا ٽيرس خالي ڪرائڻ جي واضح حڪم باوجود ان تي عمل ڇو نه ٿيو آهي؟،

غير قانوني طور قائم اڏاوت کي ڊاهي 12 جنوري تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي .

سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪا ٽيرس کي ڊاهڻ بابت فيصلو لکت ۾ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت مڪا ٽيرس خالي نه ڪندڙ رهواسين جا بجلي، پاڻي، گيس ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي پورشن خالي ڪرائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مدد وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالت جي واضح حڪم باوجود مڪا ٽيرس کي ڇو نه ڊاهيو ويو آهي.

عدالت غير قانوني اڏاوت کي 12 فيبروري تائين ڊاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي..

وڌيڪ پڙهو: