ميڊيڪل جي شاگردن ۽ ڊاڪٽرن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم پاڪستان ايسوسيئيشن آف پرائيوٽ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل انسٽيٽيوشن (پامي ) ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن بابت سنڌ حڪومت جي فيصلن جي آجيان ڪندي پي ايم سي جي پاليسي رد ڪري ڇڏي آهي.
پامي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس اسلام آباد ۾ پروفيسر ڊاڪٽر چوڌري عبدالرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو.
پامي پاران سنڌ حڪومت جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن بابت نوٽيفڪيشن جي آجيان ڪندي چيو ويو ته ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن لاءِ 50 سيڪڙو نمبر جي نوٽيفڪيشن سان ڏورانهن علائقن جي شاگردن کي موقعا ملندا.
پڌرائي موجب شاگردن ۽ شاگردن جي حقن لاءِ پامي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي، پي ايم سي پاران ميڊيڪل ڪاليجز جي ڪيٽيگيري رد ڪيون ٿا،
ميڊيڪل ڪاليجز جي ڪيٽيگيري جو معاملو پاڪستان ميڊيڪل ٽربيونل ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
پامي مطالبو ڪيو ته پي ايم سي ايم ڊي ڪيڊ جو امتحان وٺندڙ ڪمپني ٽيپس کي فوري طور بليڪ لسٽ ڪري، جيڪي ان ڪمپني کي ٺيڪو ڏيڻ ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.