پاڪستان

December 28, 2021 1:18 pm

مير شڪيل رحمان، رانا شميم، انصار عباسي ۽ عامر غوري خلاف 7 جنوري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رانا شميم ڪيس ۾ مير شڪيل رحمان، رانا شميم ، انصار عباسي ۽ عامر غوري خلاف 7 جنوري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته رانا شميم ان ڪيس ۾ توهين عدالت  ڪري چڪو آهي،

هي ڳالهه اچي پئي ته حلفي بيان ڪنهن ٻئي جي آفيس ۾ ريڪارڊ ٿيو، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ان ڳالهه جي ڪابه ترديد به نه ڪئي وئي آهي.

وڪيل لطيف آفريدي عدالت کي ٻڌايو ته رانا شميم ٽي وي انٽرويو ۾ ترديد ڪري چڪو آهي.

ان کان اڳ عدالت جي حڪم بعد گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جو برطانيه مان گهرايل حلفي بيان عدالت ۾ کوليو ويو.

چيف جسٽس اطهر من الله جي هدايت تي راڻا شميم حلفي بيان کوليو.

وڪيل لطيف آفريدي پاران لفافو کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هن لفافي ۾ لو ليٽر ناهي، جو مان کوليان.

لطيف آفريدي جي جملي تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

اٽارني جنرل چيو ته مان به حلفي بيان ڏسي وٺان، ان جو فونٽ ڪيلبري آهي يا ڪو ٻيو آهي.

رانا شميم تصديق ڪئي ته هي لفافو منهنجو آهي، حلفي بيان ان ۾ مهربند  آهي،

اٽارني جنرل چيو ته لفافو عدالت کي مليو ته اسان مناسب سمجهيو ته رانا پاڻ کولي..

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ھي توھين عدالت جي ڪارروائي ناھي پر اسان ججن جو احتساب آھي، اھو بيانيو ٺاھيو پيو وڃي ته ججن سوديبازي ڪئي، جيڪي ھن بيان جا بينيفشري آھن انھن کي به  ھن عدالت مان ريليف ملي چڪو آھي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته  ريليف کانپوءِ ھاڻ بيانيو تبديل ڪيو پيو وڃي.

رانا شميم ميڊيا کي ٻڌايو ته حلفي بيان رڪارڊ ڪرائڻ وقت مان  اڪيلو هيس، ان حوالي سان هلندڙ خبرن ۾ صداقت ناهي ته مون ميان نوازشريف جي سامهون بيان ريڪارڊ ڪرايو..

وڌيڪ پڙهو: