سنڌ

November 24, 2021 1:52 pm

مهانگي ايل اين جي جِي خريداريءَ تي نيب ۽ ٻين جاچ ادارن جي خاموشي پريشان ڪندڙ آهي : امتياز شيخ

توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ناڻي بابت صلاحڪار جو اعتراف اسان جي موقف جي حمايت ۽ توانائي واري وفاقي وزارت جي نااهلي تي چارج شيٽ آهي.

پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ امتياز شيخ چيو آهي ته وقت سر ايل اين جي جا ٽينڊر نه ڪري ملڪي ناڻي کي اربين ڊالر جو نقصان پهچايو ويو،

موجوده ۽ اڳوڻا وزير ايل اين جي ٽرمينل جي اڏاوت تي قوم سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا.

هن چيو ته ناڻي واري صلاحڪار جي گئس بحران تي اعتراف بعد توانائي واري وفاقي وزير کي مستعفي ٿي وڃڻ گهرجي،

ٽن سالن کان ايل اين جي جِي خريداريءَ تي ملڪي ناڻي کي تاريخي نقصان پهچايو ويو.

امتياز شيخ چيو ته مهانگي ايل اين جي جِي خريداريءَ تي نيب ۽ ٻين جاچ ادارن جي خاموشي پريشان ڪندڙ آهي..

وڌيڪ پڙهو: