پاڪستان

تازه خبرون

June 18, 2022 3:15 pm

مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ خراب خبر، بجلي جي قيمت ۾7 رپيا 96 پيسا في يونٽ  جي اضافي جون تياريون شروع ٿي ويون

مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ خراب خبر، بجلي جي قيمت ۾7 رپيا 96 پيسا في يونٽ  جي اضافي جون تياريون شروع ٿي ويون.

مئي مهيني  جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا وٽ درخواست داخل ڪئي وئي.

پڌرائي موجب نيپرا  27 جون تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي،سي پي پي اي مطابق مئي ۾ فرنس آئل  مان 8.80 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  مقامي گيس مان 10 سيڪڙو، امپورٽ ڪيل ايل اين جي مان 22.89 سيڪڙو  بجلي تيار ڪئي وئي.

درخواست مطابق مئي ۾ پاڻي مان 24.50 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، فرانس آئل مان 33 رپيا 67 پيسا  في يونٽ پيدا ڪئي وئي.

وڌيڪ پڙهو: