اهم خبرون

پاڪستان

August 6, 2022 7:11 pm

ممنوع فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد کي طلب ڪري ورتو

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ممنوع فنڊنگ واري معاملي تي پنجاب جي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد کي طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب ايف آءِ اي ميان محمود الرشيد کي 11 آگسٽ تي جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي،

ميان محمود الرشيد سميت 11 ڄڻن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي اختيارين موجب اسلام آباد سميت ٻين شهرن ۾ هڪ ئي وقت 6 انڪوائريون ڪيون پيون وڃن، ايف آءِ اي ڪراچي، لاهور،

پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ انڪوائري ڪري رهي آهي، 13 اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ اهي فنڊز منتقل ڪيا ويا.

ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته جن بئنڪن ۾ اڪائونٽس آهن انهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن،

عدالت انهن بئنڪن کي مڪمل تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چئن ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ پڙهو: