ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسز ۾ لڳاتار گهٽتائي کانپوءِ فوتگين جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي، هڪ ڏينهن اندر 6 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، فوتين جو انگ 28 هزار392 ٿي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران 572 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا.
اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 12 لک 69 هزار 806 ٿي ويو.
رپورٽس مطابق هيل تائين 12 لک 17 هزار 218 مريض صحتياب ٿي ويا.
ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اندر 42 هزار 96 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون، مثبت ڪيسن جي شرح هڪ ڏهائي ٽي پنج سيڪڙو رهي..