پاڪستان

تازه خبرون

October 9, 2021 4:56 pm

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر جاري، 29 ڄڻا فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر جاري آهي،ڪرونا  وگهي وڌيڪ 29 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا  955 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

اين سي او سي جي پورٽل مطابق  ڪرونا سبب  حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 28 هزار 87 ٿي ويو، جڏهن  متاثرن جو انگ 12 لک 57 هزار 188 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 557 ٽيسٽون ڪيون ويون،

رپورٽس مطابق ڪرونا جي مثبت ڪيسز جِي شرح ٻه ڏهائي هڪ چار سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، هن وقت 2 هزار 644 مريضن جِي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

وڌيڪ پڙهو: