پاڪستان

January 14, 2022 12:14 pm

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي لهر ۾ لاڳاتار واڌ جاري

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ لاڳاتار واڌ جاري آهي، جنهن عوام ۾ پريشاني جي نئين لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي، 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 7 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 3 هزار 567 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ هيل تائين فوتين جو تعداد وڌي ڪري 28 هزار 999 ٿي ويو.

رپورٽس مطابق ڪرونا جي متاثرن جو مجموعي  انگ 13 لک 15 هزار 834 ٿي ويو.

اين سي او سي مطابق گذريل ڏينهن ڪرونا جون 48 هزار 449 ٽيسٽون ڪيون ويون،

جڏهن ته مثبت ڪيسز جي شرح 7.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، 675 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي..

وڌيڪ پڙهو: