پاڪستان

تازه خبرون

ڪاروبار

November 13, 2021 5:58 pm

ملڪ ۾ مهانگائي جا وار جاري، کير جي قيمتن ۾ ويهه روپين جي واڌ

ملڪ ۾ مهانگائي جا وار جاري آهن غريب عوام مٿان هڪ ٻئي پٺيان مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن.

پيٽرول، بجلي، گئس ۽ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ ڊيري فارمز اوچتو کير جي قيمتن ۾ 20 روپيه في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي. ڊيري فارمرز جو چوڻ آهي ته جانورن جي چاري جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي جنهن کان پوءِ کير جي في ليٽر قيمت 140 روپيه مقرر ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميه ڊيري فارمز کي آگاهي ڏيندي سرڪاري قيمتن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.

هوڏانهن ڪراچي ۾ به کير جون قيمتون آسمان تي آهن ۽ شهر ۾ کير في ليٽر 140 روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڪمشنر ڪراچي جي ريٽ لسٽ ۾ کير جي في ليٽر قيمت 94 روپيه آهي جڏهن ته سموري شهر ۾ وڌندڙ قيمتن تي کير جي وڪرو واري عمل تي ڪوبه ايڪشن نه پيو ورتو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: