پاڪستان

November 26, 2021 11:50 am

ملڪ ۾ غربت ناهي، ريسٽورينٽس تي ماڻهن جون قطارون لڳل هجن ٿيون : شوڪت ترين

ملڪ ۾ غربت ناهي، ريسٽورينٽس تي ماڻهن جون قطارون لڳل هجن ٿيون، گاڏيون ايتريون بُڪ ٿيون آهن، جو  6 کان 8 مهينا اون هلي ٿو!

ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين نئون منطق سامهون آڻي ڇڏيو، شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ غربت نه پر مهانگائي آهي،

اسان نه ٽيڪس وڌائينداسين ۽ نه ئي وري مني بجيٽ ايندي،

ٻهراڙين ۾ بمپر فصل لٿا آهن، موٽر سائيڪلز جو به رڪارڊ وڪرو ٿيو آهي,

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته رپئي جو اگهه هيٺ مٿي پيو ٿيندو،

آمريڪا تيل قيمتن ۾ واڌ تي ايڪشن ورتو آهي، اگهه گهٽ ٿيا ته سمورو فائدو عوام کي منتقل ڪنداسين..

وڌيڪ پڙهو: