پاڪستان

January 17, 2022 1:21 pm

ملڪ ۾ اربين ڊالر جي ڦرلٽ عوام کي غربت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو : وزير اعظم عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور، ڪوڙا سياستدان ۽ مافيا قانون کان مٿانهان رهڻ جا عادي آهن،

ڪوڙن ۽ مافيا ادارن کي به ڪرپٽ ڪري ڇڏيو آهي، نظام جو رت چوسيندڙ ملڪ سان مخلص ناهن.

هڪ اخبار ۾ لکيل آرٽيڪل ۾ وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين ڊالر جي ڦرلٽ عوام کي غربت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،

شهرين کي پنهنجي معاملن ۾ هٿ پوئتي ڪري ٻين ڪاڻ سخي ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته حضور صه مديني واري رياست جا رهنما اصول واضح ڪيا، جيڪي واضح ڪري سڀني تهذيبن جو بنياد رکيو.

وزير اعظم وڌيڪ چيو ته قوم ۽ رياست طور انهن اصولن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻي آهي، پاڪستان ۾ اڄ اسان کي پنهنجي صلاحيتن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو..

وڌيڪ پڙهو: