پاڪستان

November 25, 2021 12:28 pm

ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد، پنڊي،پشاور، ڪوئيٽا ۽ لاهور سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند

پاڪستان  پيٽروليم ڊيلرز ايسو سي ايشن جي سڏ تي نفعي ۾ واڌ لاءِ سموري ملڪ ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي، پيٽرول پمپ بند هجڻ سبب شهري مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو قطارون ٺاهي بيٺل آهن.

پيٽروليم ڊيلرز  ايسو سي ايشن، ڊيلر مارجن ۾ اضافي لاءِ اڄ سموري ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي،ڪجهه پيٽرول پمپس کانسواءِ سمورا آئوٽ ليٽس بند آهن، جنهن سبب شهري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

حڪومت جي مداخلت سبب آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا ڪجهه پمپ ۽ نجي سي اين جي اسٽيشنز کليل آهن، جتي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن.

پيٽروليم ڊيلرز ايسو سي ايشن اڄ صبح ڇهين وڳي کان  ٽن ڏينهن تائين هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، جنهن دوران گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ چترال ۾ به پيٽرول پمپ بند آهن.

وفاقي حڪومت پاران  ڊيلرز ايسوسيئشن  کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهن هڙتال ختم نه ڪئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي طرف  پيٽرول ڊيلرز ايسوسئيشن به اختلافن سبب ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، جنهن سبب ڪجهه پيٽرول پمپ کوليا ويا آهن.

ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد، پنڊي،پشاور، ڪوئيٽا ۽ لاهور سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند پيا آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي جهيڙن جا به اطلاع آهن..

وڌيڪ پڙهو: