ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ٿڌ وڌي وئي، ڪوئيٽا ۽ قلات ۾ پارو ڪاٽو 8 تائين ڪري پيو، سنڌ ۽ پنجاب جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل رهيو،
اتر بلوچستان ۾ سردي جي شدت ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ پارو ڄمي ويو.
موسميات کاتي موجب اسلام آباد، ناروال، سيالڪوٽ، گجرانوالا ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي.
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ اترين ضلعن ۾ شديد ٿڌ آهي ، آزاد ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
پنجاب جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل آهي،جڏهن ته اتر بلوچستان ۾ سردي جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو.
موسميات کاتي مطابق اسلام آباد ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙالي رهندي،ناروال، سيالڪوٽ ۽ گجرانوالا ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ مُهين جو دڙو ۾ ڌنڌ ڇانيل رهيو،جڏهن ته پشاور، مردان، چارسدا، صوابي ۽نوشهرا ۾ شديد ڌنڌ،گلگت بلتستان ۾ موسم شديد ٿڌي رهي ۽ آسمان تي ڪڪر ڇانيل آهن..