پاڪستان

April 11, 2022 12:01 pm

ملڪ جـَي 23 هين وزيراعظم جي چونڊ اڄ ٿيندي

ملڪ جـَي 23 هين وزيراعظم جي چونڊ اڄ ٿيندي،گڏيل اپوزيشن جي اميدوار شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب نئين قائد ايوان جي چونڊ آرٽيڪل 91 تحت ڪئي ويندي، وزيراعظم ٿيڻ لاءِ 172 ووٽ گهربل هوندا، عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي اپوزيشن جقي هڪ سئو 74 ميمبرن ووٽ ڏنا هئا.

وزيراعظم جي چونڊ کان اڳ گڏيل اپوزيشن پارٽين جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس نامزد وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.

گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي ميمبرن شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض واريا هئا، جيڪي رد ڪيا ويا هئا.

وڌيڪ پڙهو: