ناڻي جي وزارت معاشي ترقي جي باري ۾ عالمي بينڪ جي ڪاٿن کي غير حقيقي قرار ڏئي ڇڏيو.
ناڻي جي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عالمي بينڪ جو هلندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو ڪاٿو 3 ڏهائي چار سيڪڙو غلط آهي.
وفاقي وزارت جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال دوران پاڪستان جي معيشت پنج سيڪڙو جي رفتار سان ترقي ڪندي.
پڌرائي موجب جولاءِ ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 2 ڏهائي ٽي سيڪڙو بهتري آئي.
وضاحت ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمند، چانورن، مڪئي ۽ ڦٽين جي فصل ۾ بهتري جي اميد آهي.
ناڻي جي وزارت مطابق زراعت، صنعت، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن،اڏاوتي شعبي لاءِ رعايتون صنعتي ترقي جو سبب بڻجنديون.