top_news

اهم خبرون

پاڪستان

February 8, 2023 5:44 pm

ملتان ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ڪارڪنن ۾ جهيڙو، اليڪشن ڪميشن آفيس ميدان جنگ بڻجي وئي

ملتان ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ دوران مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جي آفيس ميدان جنگ بڻجي وئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر، ن ليگ اڳواڻ شيخ طارق رشيد ۽ جاويد هاشمي جڏهن ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آفيس پهتا ته ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان دوران ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ تلخ ڪلامي به ٿي، جنهن بعد جهيڙو شروع ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ ڪارڪنن هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ پوليس کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪارڪنن هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪندا رهيا، بعد ۾ پوليس جي مداخلت تي ڪارڪن اليڪشن ڪميشن آفيس مان منتشر ٿي ويا.

وڌيڪ پڙهو: