top_news

اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

ضرور پڙھو

July 7, 2022 5:32 pm

مفتاح اسماعيل عوام کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد: ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هڪ هفتي ۾ تيل ۽ گيهه جي قيمت 350 رپيا ٿي ويندي، جڏهن ته اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي صحيح وقت تي پهچائينداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته گيهه، کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ ذڪر جوڳي لاٿ ٿيندي، گيهه جي اگهه ۾ تمام جلد 150 رپيا في ڪلو لاٿ ٿيندي، اٽو به وڌيڪ سستو ٿيندو ۽ ڀاڻ جو اگهه به گهٽجندو.

هن چيو ته معاشي طور تي استحڪام ڏانهن هلي پيا آهيون ۽ آءِ ايم ايف سان معاملو جلد طئي ٿي ويندو، تنهن ڪري معيشت ڪنٽرول ۾ آهي، افوهن تي ڌيان نه ڏيو.

سندس چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻ اسان جي معاشي مجبوري هئي پر هاڻ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 100 ڊالر ٿي وئي آهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان تمام گهڻو ڪرنٽ ديفيسٽ ڇڏي ويو، عمران خان روس کان گهٽ ۾ گهٽ 100 ليٽر تيل ئي وٺي ها، گذريل نالائق حڪومت جي بُري پاليسين جو نتيجو اسان ڀوڳي رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي جو 1100 ميگا واٽ جو پاور پلانٽ ڪم شروع ڪري ڇڏيندو.

وڌيڪ پڙهو:

ڪا به پوسٽ ناهي