پاڪستان

December 23, 2021 3:36 pm

معيشت وڌي ٿي ته ڊالرن جي کوت ٿي  وڃي ٿي ۽ ڊالر جي کوٽ سبب اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پئي ٿو : وزير اعظم عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان  جي معيشت وڌي ٿي ته ڊالرن جي کوت ٿي  وڃي ٿي ۽ ڊالر جي کوٽ سبب اسان کي آءِ ايم ايف  وٽ وڃڻو پئي ٿو.

لاهور ۾ ناليج پارڪ  جو افتتاح ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان آءِ ٽي  انقلاب  جي لاءِ آئيڊيل ملڪ آهي،

پاڪستان وٽ متحرڪ افرادي قوت، ٽيلنٽ ۽ هنر آهي، ٽيڪ ڪمپنيز ڪرونا کان به متاثر ٿيون

وزير اعظم چيو ته بدقسمتي سان ٽيڪنالوجي ۾ پاڪستان پوئتي رهيو،ڀارت ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ کي ترقي وٺرائي وئي آهي،

اسان معاشي طور پير سنڀاليون ٿا ته ڊالر جو ملهه وڌي وڃي ٿو،جنهن سان قرض وڌي وڃي ٿو ۽ حڪومت کي ادائيگيون ڪرڻيون هونديون آهن.

عمران خان چيو ته ڪرپشن سان ملڪ جي بنيادن کي نقصان پهچي ٿو ۽ معاشي ڪمزوريون  پيدا ٿين ٿيون.

هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ٿئي،پرڏيهه ۾ رهندڙ  پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ ۾ موڙي سيڙائڻ چاهين ٿا،

اسان کي ڪاروباري ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون پونديون.

وزير اعظم چيو ته چين پنهنجي معيشت کي مضبوط بڻايو،ملڪي پيدوار  ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي..

وڌيڪ پڙهو: