سنڌ

December 9, 2021 3:46 pm

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال ڪراچي ۾ گرين لائين بس منصوبي جو علامتي افتتاح ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال ڪراچي ۾ گرين لائين بس منصوبي جو علامتي افتتاح ڪري ڇڏيو،

احسن اقبال چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي گرين لائين منصوبو ن ليگ جي حڪومت ڏنو،

افتتاح لاءِ پهتاسين ته حڪومت بدترين رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو.

مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏجي ناظم آباد 7 نمبر ۾ گرين لائين بس منصوبي جو علامتي افتتاح ڪري ڇڏيو.

احسن اقبال ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏجي گرين لائين جي پيڊسٽرين طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته رينجرز روڪي ورتو، جنهن دوران بدنظمي پيدا ٿي وئي.

ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران احسن اقبال کي هٿ ۾ ڌڪ به لڳو، جنهن دوران ن ليگ جي ڪارڪنن حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احسن اقبال ڳالهائيندي چيو ته حڪومت رينجرز کان به پوليس وارو ڪم وٺي رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي گرين لائين منصوبو ن ليگ جي حڪومت ڏنو، افتتاح لاءِ پهتاسين ته حڪومت بدترين رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو..

وڌيڪ پڙهو: