سنڌ

January 9, 2022 3:41 pm

مري سانحي جو ذميوار وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار آهي : نثار کهڙو

پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته مري سانحي جو ذميوار وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار آهي.

لاڙڪاڻو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته مري سانحي ۾ فوت ٿيلن جو ڪيس وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير مٿان داخل ڪيو وڃي.

نثار کهڙو چيو ته خراب موسم ۽ برفباري جي اطلاع باوجود وفاقي حڪومت ڪي به قدم نه کنيا.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان غلطي مڃڻ بدران مري ويندڙ متاثرن تي الزام لڳائي رهيو آهي..

وڌيڪ پڙهو: