پاڪستان

تازه خبرون

November 20, 2021 4:55 pm

مردن پاران عورتن کي وراثت جي شرعي حق کان محروم ڪرڻ مڪروه عمل آهي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت بابت لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عورتن جي وراثت بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ عورتن کي مردن طرفان وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ کي انتهائي نفرت انگيز  عمل قرار ڏنو ويو آهي.

عدالت حڪم ڏنو ته عورتن کي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ مردن لاءِ مڪروه آهي ۽ عورتن کي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ الله جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي.

عدالت چيو ته عورتن کي دوکي ۽ ٻين حربن ذريعي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ عام ڳالهه آهي پر وراثت کان محروم عورتن جو مسئلو آهي. ملڪ ۾ هر مرد وارث عورت وارث کي حق کان محروم رکي ٿو.

وڌيڪ پڙهو: