سنڌ

November 24, 2021 12:51 pm

مراد علي شاهه سنڌ صوبي جو وڏو وزير آهي، ڀارت يا اسرائيل جو وڏو وزير ناهي : سعيد غني

سنڌ سرڪار، پي ايس پي آفيسرن کي اسيبلشمينٽ ڊويزن جي لکيل خطن جي مذمت ڪندي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

سُڌ سماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وڏي وزير گذارش ڪئي هئي ته هي سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ تڪرار هلي پيو،

آفيسرن کي تنگ نه ڪيو وڃي پر بدقسمتي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آفيسرن کي وضاحتي خط لکيا، اهي واپس وٺي وڏي وزير پاران لکيل خط جي روشني ۾ معاملو حل ڪيو وڃي.

صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته مراد علي شاهه پاڪستان جي صوبي سنڌ جو وڏو وزير آهي، ڀارت يا اسرائيل جو وڏو وزير ته ناهي جو، وفاقي حڪومت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي..

وڌيڪ پڙهو: